تيور ريسٽ ھائوس

تيور ريسٽ ھائوس: هي ريسٽ هائوس قنبر- شهدادڪوٽ جي اولھه ۾ 81 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڏاڙھياري جبل جي ڀرسان آهي. ان بابت چيو وڃي ٿو ته انگريز ڪمشنر تيور 1887ع ۾ ٺھرايو هو. هن ريسٽ هائوس جي اڏاوت 1885ع ۾ ٿي. مزار قليچ بيگ 1885ع ۾ ھت آيو ۽ ڏٺائين. اشتياق انصاري صاحب جو خيال آھي ته ھي ريسٽ ھائوس ”مئنسفيلڊ“ 1862ع ۾ ٺھرايو، جيڪو انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو ڪمشنر ھو. ھي ريسٽ ھائوس چشمي جي ڀر ۾ ٺاھيو ويو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو